لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي پا??ستان تنظيم جي امير شجاع الدين شيخ چيو آهي ته عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ??ري، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو اچي چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 3 سال اڳ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پنهنجي آئين جي شقن 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري والاريل ڪشمير کي ڀارت ۾ ضم ڪري هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ??ليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جا علمبردار سڏرائيندڙ اولهه ملڪ ۽ عالمي ادارا ڀارت جي 5 آگسٽ جي ??ڌن قدمن جا نه رڳو حامي پر ان ظلم ۾ ان جا حصيدار به بڻجي ??ڪا آهن ۽ ڀارت جي ان غيرقانوني ۽ غيرانساني ۽ عالمي قانونن جي سراسري خلاف ورزي جي طرز عمل کي رد ڪرڻ تي پري جي ??الهه آهي پر زبان سان به ان جي مذمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.