ڪراچي – 14 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرا?? علي شاهه پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏه??ڙي تي اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان پنهنجي قائد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيا آهيون، اسان کي گڏجي هن ملڪ کي مضبوط ڪرڻو آهي، اڄ جي ڏينهن ڪشميري ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي. آزادي جي ڏه??ڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي سنڌ جي وقتي گورنر ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ باني پاڪستان قائداعظم محم?? علي جناح جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مرا?? علي شاهه چ??و ته ڪالهه لاهور جي پي ٽي آءِ جلسي جي لاءِ پاڪستان جو جهنڊو لاٿو ويو، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، عمران نيازي اقتدار جي لاءِ ملڪ جي محبت ۽ هر روايت وساري ڇڏي آهي. هن چيو ته ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اسان کي محبت ۽ يڪجهتي سان اڳتي وڌڻو آهي. وڏي وزير چيو ته جولاءِ دوران ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿيون، شهر جي سمورن قدرتي پاڻي جي نيڪال جي رستن تي قبضن جي ڪري نيڪالي جا مسئلا ٿين ٿا، سنڌ حڪومت اهي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هاڻي صورتحال ڪافي بهتر آهي. سيد مرا?? علي شاهه چ??و ته اسان شهر جي رستن جي مرمت لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا آهن ۽ وڌيڪ فنڊز جو انتظام ڪري رهيا آهيون.