ڪالام – 31 –; آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪالام ۾ ڦاٿل جرمن سياح خاندان سميت ٻين سياحن کي فوري طور ڪڍڻ لاءِ فوري طور هيليڪاپٽر فراهم ڪندي، هنگامي بنيادن تي رستن جي بح??لي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حو??لي ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جيڪو ڪالهه خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جي دوري تي پهتو، ت??هن اتي موجود سياحن سان ملاقات به ڪئي. ا??هن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو به ورتو وزيراعظم سياحن ۽ ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ آئون خيبرپختونخواهه جي دوري تي آيو آهيان ماڻهن سان مليو آهيان، ا??هن سان ڳالهه ٻ??لهه ڪئي آهي، هتي رليف سينٽر ۾ عورتن، ٻارن سميت ڪافي سياح به موجود آهن، ا??هن کي ا??هن جي گهرن تائين پهچائينداسين، پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر ا??هن کي ??ڍي رهيا آهن، هتي ڦاٿل سمورن سياحن کي ??ڍي وٺنداسين، وزيراعظم جرمني مان آيل سياح خاندان سان به مليو. کيس ٻڌايو ويو ته هتي 600 کان 700 تائين سياح اڃا موجود آهن جن کي سڀاڻي تائين ڪڍيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وڏي مشينري سان بح??لي جو ڪم جاري آهي. اسان جي پهرين ترجيح رستن جي بح??لي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مدين، بحرين، سيدو شريف ۽ ڪالام ۾ ڪيتريون ئي پليون ۽ رستا تباهه ٿيا. وزيراعظم اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته رستن کي جلد بحال ڪيو وڃي. ڪالام ۾ ڦاٿل سياحن کي فوري ڪڍيو وڃي. وزيراعظم هنگامي بنيادن تي رستن جي بح??لي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حو??لي ڪري ڇڏيو. اتي ڦاٿل سياحن کي ??ڍڻ جي لاءِ فوري هيليڪاپٽر فراهم ڪرائي ڇڏيو.