اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي تڪبر ۽ خودپسندي جو ذهني مريض هجڻ سب?? خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي ڪنهن اداري، ان جي ??ربراهه يا جج کي گاريون ڏيڻ ۾ ڪو شرم نه آهي، عدالتن کي خبر هجڻ گهرجي ??ه عمران خان کي نه ندامت آهي ۽ نه ئي شرمندگي، بزدل، انا پرست، خوش پسندي ۽ تڪبر ۾ ٻڏل شخص خطرناڪ ئي هوندو آهي، هو هڪ نڪ نرڄو، فسادي ۽ بي شرم انسان آهي، جيڪو کلي ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ٻوڏ تي سياست ڪري ٿو، قوم ۽ ميڊيا کي اپيل آهي ته خود پسند، انا پرست ماڻهو بدران ٻوڏ متاثرين طرف ڌيان ڏين. پنهنجي ??يان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته متاثرين هن وقت ٻوڏ جي ??ڪليف ۾ آهن، انهن پاڪستاني رهوا??ين جي مدد تي ئي قوم ۽ ميڊيا پنهنجو ڌيان ڏي. هن چيو ته عمران خان ٻوڏ متاثرين جي ??ذبن سان کيڏي انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، اهو بيمار ذهنيت وارو شخص ٻ??ڏ متاثرين جي ??ٽي تي به سياست ڪري ٿو، هي پنهنجي گهٽيا سياست جي لاءِ ٻوڏ متاثرين جي ??مداد روڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اها بيمار ذهنيت آهي جيڪو سمجهي ٿو ته آئون وزيراعظم نه آهيان ان لاءِ ٻوڏ متاثرين جي مدد نه ڪندس، ڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام جي ??حالي روڪرائي ٿو، ڪڏهن ٻوڏ متاثرين جي ??مداد روڪرائڻ جي گهٽيا ڪوشش ڪري ٿو، هي اهو ئي ذهني بيمار آهي جيڪو پنهنجي ??ياست جي لاءِ شهيدن جي ??لاف سوشل ميڊيا تي زهريلي مهم هلائي ٿو.