ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو ضامن آهن، سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کان وٺي ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي لاڳاپن تائين تعاون جي مختلف شعبن ۾ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ارومچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پولٽ بيورو جي مرڪزي ميمبر ۽ سنڪيانگ ايغور خودمختيار علائقي جي پارٽي سيڪريٽري مازنگروئي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چين سان دوستي جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيرا??ظم چيو ته چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو ضامن آهن. بيجنگ ۾ صدر شي ج?? پنگ ۽ وزيرا??ظم لي ڪيانگ سا?? پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي نگران وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چيني قيادت جي مضبوط ذاتي عزم کي ساراهيو. پاڪستان جي لاءِ سنڪيانگ جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هي خطو پاڪستان سان جاگرافيائي، تاريخي ۽ ثقافتي ڳانڍاپي جي ڪري هڪ خاص اهميت رکي ٿو. هن سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کان وٺي ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن تائين تعاون جي مختلف شعبن ۾ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. سنڪيانگ جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيندي پارٽي جي سيڪريٽري مازنگروئي چيو ته ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪستان ۽ سنڪيانگ لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن سنڪيانگ پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ واپار جا موقعا ڳولڻ ۽ خنجراب – سوست بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي واپاري ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.