اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي آخري مالياتي قسط جي جاري ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 1.1 ارب ڊالر جي آخري قسط ملڻ سان پاڪستان ۾ وڌيڪ معاشي استحڪام ايندو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف آ ايم ايف جي آخري مالياتي قسط جي جاري ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وز??را??ظم چيو ته آءِ ايم ايف جي 1.1 ارب ڊالر جي آخري قسط ملڻ سان پاڪستان ۾ وڌيڪ معاشي استحڪام ايندو. 2016ع ۾ منهنجي قائد نواز شريف آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪيو هو، هي ايس بي اي جو ٻيو پروگرام آهي جيڪو مڪمل ٿي رهيو آهي. 16 مهينن جي حڪومت د??را?? پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ ۾ آءِ ايم ايف سان اهو معاهدو اهم ثابت ٿيو هو. پاڪستان جي معاشي تحفظ جي لاءِ تلخ ۽ مشڪل فيصلا ڪيا پر ان جا ثمر معاشي استحڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن. وز??را??ظم چيو ته الله ت??ال??ٰ معيشت کي بهتر بڻائڻ جو موقعو ڏنو آهي، پوري سگهه سان محنت ڪنداسين، پاڪستان کي معاشي ترقي ڏيارينداسين. قرض وٺڻ ڪاميابي نه آهي، ڪاميابي ان ڏينهن ٿيندي جنهن ڏينهن قرض مان ڇوٽڪارو ماڻينداسين. وز??را??ظم چيو ته انهي جذبي سان صحيح رخ ۾ تسلسل سان محنت جاري رهي ته قرض مان ڇوٽڪارو ۽ معاشي خوشحالي جو دور پڻ جلد ايندو. وز??را??ظم ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سميت سموري معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. وز??را??ظم چيو ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائر??ڪٽ?? جا پڻ ٿورا ادا ڪريان ٿ?? جنهن پاڪستان جو مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو.