بشڪيڪ – 22 – مئي (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغز جم??وريه جي پرڏيهي وزير ڪلوبايف زين بيڪ مولدوڪانووچ سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ جم??وريه ڪرغزستان جي وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيرا??ظم ڪرغزستان ۾ پاڪستانين سميت غيرملڪين جي خلاف تشدد جي تازي افسوسناڪ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪرغز حڪومت پاران بدا??ني دوران حالتون معمول تي آڻڻ ۽ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي کي ي??يني بڻائڻ جي لاءِ ان جي فوري قدمن تي ٿورا مڃيا. نائب وزيرا??ظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستانين جي خلاف تشدد جي تازين ڪاررواين جي ذميوارن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ڪرغز پرڏيهي وزير امن امان جي بحالي جي لاءِ ڪرغز عملدارن پاران کنيل قدمن جي وضاحت ڪئي ۽ فسادن ۾ ملوث ماڻهن جي ??رف??اري، ڪيس هلائڻ ۽ سزا ڏيڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيرا??ظم ڪرغز جم??وريه ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين سميت سمورن غيرملڪين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.