اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ وفدن جي س??ح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممت??ز زهره بلوچ موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي س??ن اڳڀرائي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن واپار، توانائي، دفاع، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ علائقائي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.