اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪرپشن، نااهلي ۽ نالائقي کي برداشت نه ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ??ي) کي ختم ڪرڻ جو منهنجو فيصلو ان خرابي کي ختم ڪرڻ طرف هڪ قدم ??هي جيڪو اسان جي نظام کي اندران ڪينسر وانگر کائي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ايماندار، ديانتدار ۽ اهل بيوروڪريسي بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيان جيڪا اعليٰ معيار جي عوامي خدمت فراهم ڪندي ۽ حڪمرا??ي جي معيار کي بلند ڪندي.