اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ريڊيو پاڪستان جي سينئر نيوز ڪاسٽ?? تسڪين ظفر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري مرحوم جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظه??ر ڪيو. هن چيو ته تسڪين ظفر ريڊيو پاڪستان جو اثاثو هئي، ان جي لاڏاڻي تي پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. تسڪين ظفر مرحومه جون ريڊيو پاڪستان لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فر??ائي ۽ وارثن کي صبر عطا فر??ائي.