اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار ۽ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي اعليٰ تعليم ۽ تربيت لاءِ چين موڪليندو، تربيت زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت ۾ مخصوص مهارتن جو احاطو ڪندي. اهڙو اظهار هن منسٽر ڪائونسلر، ايمبيسي آف پيپلز ريپبلڪ آف چائنا زوهينگ تيان سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات جو مقصد پاڪستاني زرعي گريجوئيٽس کي چين موڪلڻ جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ هو. ڄاڻايل اسڪالرشپ ??و اعلان وزيراعظم پاڪستان جي تازي ??ين جي دوري دوران ڪيو ويو هو. وفاقي وزير چيو ته اسڪالرشپ ??و بنيادي مقصد خوراڪ ۽ زرعي شعبن ۾ پاڪستاني گريجوئيٽس جي صلاحيت ۽ مهارتن کي وڌائڻ آهي. شاگ??دن کي جديد زرعي طريقن ۽ فني مهارتن سان ليس ڪيو ويندو. هن چيو ته شاگرد چين ۾ زراعت ۾ جدت ۽ جديد تحقيق سکند??، تربيت زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت ۾ مخصوص مهارتن جو احاطو ڪندي. راڻا تنوير حسين چيو ته شاگ??دن کي پوري پاڪستان مان چونڊيو ويندو. بلوچستان جي شاگ??دن کي ترجيح ڏني ويندي. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ زرعي يونيورسٽي فيصل آباد اسڪالرشپ پروگرام کي لاڳو ڪندو.