اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان معاشي ترقي ۽ استحڪام طرف گامزن آهي، محدود وسيلن جي باوجود ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ سڌارا وقت ??ي اهم گهرج آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس ??ي سي پي) جي هيڊ آفيس ??ي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، ايس ??ي سي پي جو چيئرمين عاڪف سعيد ۽ ايس ??ي سي پي جو باني چيئرمين شميم احمد خان به موجود هُئا. نائب وزيراعظم چي?? ته ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ موقعا موجود آهن، اسان هر قسم جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، رڳو رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت گڏيل واپار جي پاليسي تي گامزن آهي. ملڪي روانگي واپار جو فروغ حڪومت جي بنيادي ايجنڊا آهي، پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ خطي ۾ سڀ کان بهتر وڃي رهي آهي. نائب وزيراعظم چي?? ته ٻطرفي ۽ ٻاهرئين ملڪن مان واپار جو فروغ اسان جي ڌيان جو محور آهي. موجوده حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، مايوسي ڦهلائيندڙ ٻُڌي ڇڏين ته پاڪستان ڪڏهن به ڊيفالٽ نه ٿيندو. هن چي?? ته وزيراعظم جو سمورو ڌيان معاشي سڌارن ۽ واپار جي فروغ تي آهي. ملڪي روانگي واپار جو فروغ اسان جي حڪومت جي بنيادي ايجنڊا آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪي?? ته سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس ??ي سي پي) هيڊ آفيس ??مارت جي تعمير مقرر مدي ۾ ڪئي ويندي. ان عمارت جي پلاٽ جي منظوري 2017ع ۾ اسان ??ي ان وقت جي حڪومت ڏني هئي، عمارت جي تعمير ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي ويندي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چي?? ته اسان جي 2016ع جي دور ۾ ملڪ جي ٽنهي اسٽاڪ مارڪيٽس کي ضم ڪيو ويو، 2013ع کان 2017ع دوران ان حوالي سان قانون ۾ سڌارا آندا ويا. تقريب ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، ايس ??ي سي پي جي چيئرمين عاڪف سعيد ۽ ٻين سان گڏ ايس ??ي سي پي جي هيڊ آفيس ??لڊنگ جي پيڙهه جي پٿر جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي.