اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تازين ??رساتن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس ??و اظهار ڪندي برساتن کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر برساتن جي ڪري حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين ??ان تعزيت ڪئي آهي. هن چيو ته برساتن سان ٿيندڙ حادثن ۽ قيمتي ج??ني نقصان کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضر??رت آهي. صدر چيو ته حادثن کان بچاءُ ۽ پاڻي جي نيڪالي جي لاءِ انتظاميا کي وقت سر قدم کڻڻا پوندا. آصف علي زرداري حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين ??ي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.