اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سمورين پارلياماني پارٽين کي اپيل ڪئي آهي ته 5 آگسٽ تي يوم اس??حص??ل ڪشمير جي مناسبت سان ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين رٿيل واڪ ۾ شرڪت ڪن. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان ان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خصوص?? حيثيت ختم ڪئي وئي جنهن کي 5 آگسٽ 2024ع تي پنج سال مڪمل ٿي ويندا ان ڏي??هن هر سال وانگر هن ??ال به يوم اس??حص??ل ڪشمير ملهايو پيو وڃي، سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ ان خلاف احتجاجي واڪ ۽ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين ٿيندڙ واڪ ۾ سمورين پارلياماني پارٽين کي شرڪت جي اپيل آهي ته جيئن اهو پيغام وڃي ته ڪشمير جي مسئلي ??ي اسان سڀ هڪ آهيون، ان ڏي??هن ??يوان ۾ متفقه قرارداد به پيش ڪئي ويندي.