اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خوداحتسابي هر اداري کي اختيار ڪرڻ گهرجي، احتساب طرف وڌندي ملڪ ۾ انتشار کي روڪيو پيو وڃي، انتشاري ٽولي جي رنگ لي??ر عمران خان ذاتي مفادن جي لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو، ان جي ڪا به معافي نه هجڻ گهرجي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي معاشي ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته وزيراعظم جلد قوم کي خطاب ۾ اڳتي جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪندو، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وي??دا. هن چيو ته وزيراعظم آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ۾ خطاب دوران عوام کي بجلي جي بلن ۾ ريليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم تمام جلد قوم کي خطاب ڪندي اقتصادي پلان جو اعلان ڪندو ۽ ايندڙ 5 سالن جو معاشي منصوبو قوم آڏو رکندو. هن ٻڌايو ته تازو ئي هڪ اداري خوداحتسابي کي فروغ ڏيندي احتساب جو عمل شروع ڪيو جيڪو خوش آئنده آهي. هن چيو ته احتساب طرف وڌندي ملڪ ۾ انتشار کي روڪيو پيو وڃي. خوداحتسابي هر اداري کي اختيار ڪرڻ گهرجي، فوج پاران احتساب جي شروعات تمام سٺو عمل آهي. هن چيو ته آءِ ايس پي آر جي پريس ريليز مان ثابت ٿئي ٿو ته جنرل فيض حميد کان جاچ جي نتيجي ۾ ٽن آفيسرن کي حراست ۾ ورتو وي?? آهي. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي جي ليڊر جي چوڻ تي ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني ڦهلائي پئي وئي. عمران خان جي چوڻ تي سازشون ڪيون پئي وي??ن، ملڪ کي غيرمست??ڪم ڪيو پئي وي??، عدم اعتماد جي رٿ جي وقت به فيض حميد ۽ سندس ساٿي عمران خان سان رابطي ۾ هئا ۽ سياسي جوڙ ٽوڙ ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا هئا. وفاقي وزير چيو ته ملڪي سلامتي داءُ تي لڳائڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو وي?? آهي، ائين لڳي ٿو ته ??ڌي?? گرفتاريون پڻ عمل ۾ آنديون وي??ديون ۽ ان جو دائرو رڳو فوج جي اداري تائين نه رهندو، ان ۾ جيڪو به ملوث هوندو، قانون جي پڪڙ ۾ ايندو. هن چيو ته لڳي ٿو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جا جيل مان به رابطا هئا، هاڻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ان کان پاسو ڪيو وڃي ته ائين ان کان پري نه ٿو ڪري سگهجي. ??ڌي?? ثبوت سامهون اچي رهيا آهن، 9 مئي جي حملي، آءِ ايم ايف کي خط لکڻ اهي سمورا ملڪ دشمن قدم ۽ ملڪ کي غيرمست??ڪم ڪرڻ جي ڪوشش هئي. هن چيو ته انهن ماڻهن انتشاري ٽولي سان گڏجي ملڪ کي نقصان پهچايو، عمران خان جيل مان رابطن جي ذريعي ملڪ کي غيرمست??ڪم ڪري رهيو آهي، هاڻي ائين نه هلندو، ان عمل ۾ ڪنهن سان ڪا رعايت نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته انشاءَ الله ملڪ ترقي ڪندو، معيشت مست??ڪم ٿيندي، اسان بحالي جي سفر تي هلي پيا آهيون، رپيو مست??ڪم ٿيو آهي، سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون به گهٽ ٿيون آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته بجلي جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿئي. هن چيو ته انتشاري ٽولي جو احتساب ضروري آهي، جيئن جيئن جاچ وڌندي ??ڌي?? ماڻهن جا نالا سامهون ايندا. هن چيو ته انتشار ٽولي جي رنگ لي??ر عمران خان مفادن جي لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو ۽ ان جي ڪا معافي نه هجڻ گهرجي.