اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صاد?? چيو آهي ته پاڪستان،جاپان سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. موسمياتي تبديلي هڪ نهايت اهم عالمي مسئلو آهي، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي م??هن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي م??لڪتي وزير توشيڪو آبي سان ملاقات ۾ ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم جي م??سمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪ جاپان ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري م??سمياتي تبديلي، پارليماني رابطن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سردار اياز صاد?? چيو ته پاڪستان جا جاپان سان پراڻا دوستي وارا لاڳاپا آهن. پاڪستان جاپان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي نهايت اهم مسئلو آهي، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي م??هن ڏيڻو پوندو.هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي م??ڪن جي عوام کي ويجهو آڻي سگهجي ٿو. سردار اياز صادق تعليم سميت ٻين شعبن ۾ جاپان جي تعريف ڪئي. جاپاني م??لڪتي وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏيون ٿا، هن سردار اياز صادق جي جاپان لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خواهش تي شڪريو ادا ڪندي پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.