اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسرائيل پنهنجي وحشي ڪارروائين جون سموريون حدون پار ڪري ويو آهي، اسڪولن جي ٻارن تي حملو کُليل اڳرائي آهي، اهڙي ريت جي ڏاڍ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، عالمي برادري گڏيل قومن سميت اسرائيل جي وحشيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ طرفان جاري ڪيل ب??ان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه فلسطين جي اسڪول تي اسرائيل جي حملي جي شديد مذمت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندان سان تعزيت جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسرائيل پنهنجي وحشي ڪارروائين جون سموريون حدون پار ڪري ويو آهي. اسڪول جي ٻارن تي حملو کُليل اڳرائي آهي. اهڙي ريت جي ڏاڍ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. عالمي برادري گڏيل قومن سميت اسرائيل جي سفاڪيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ورجايون ٿا ته فلسطينين جي نس?? ڪشي ۽ جنگي ڏوهن تي اسرائيلي قيادت ۽ سيڪيورٽي فورسز کي ا??صاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي. اسرائيل کي سندس ظالماڻين ڪارروائين جي سخت سزا ڏني وڃي. اسرائيل خلاف عالمي ا??صاف واري عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان هر محاذ تي پنهنجي فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.