اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??يو آهي ته پاڪستان کي ڀارت ۾ تابڪار مواد جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جي بار بار پيش ايندڙ واقعن جي رپورٽس تي سخت ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ تابڪار مواد سان گڏ هڪ گينگ جي گرفتاري تي پاڪستان جي ردعمل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ ??يو ته تازي واقعي ۾ هڪ انتهائي تابڪار ۽ زهريلو مواد ڪيليفورنيم غيرقانوني طور تي ماڻهن جي هڪ گروهه جي قبضي ۾ ڏٺو ويو، جنهن ??ي ماليت 100 ملين ڊالر آهي، 2021ع ۾ ڪيليفورنيم جي چوري جا 3 واقعا به رپورٽ ٿيا هئا، گذريل مهيني 5 ماڻهو ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سي??ٽر (بي اي آر سي) مان مبينا طور تي چوري ٿيندڙ تابڪار ڊي??ائيس سان گڏ دهرادون ۾ ڏٺا ويا هئا. ترجمان ??يو ته بار بار ٿيندڙ اهي واقعا نئين دهلي پاران ائٽمي ۽ ٻئي تابڪار مواد جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن تي سواليه نشان آهن. هن ??يو ته اهي واقعا ڀارت ۾ حساس، ٻٽي استعمال ??ي مواد جي بليڪ مارڪيٽ جي وجود جي به نشاندهي ڪن ٿا، عالمي برادري ڀارتي عملدارن کان ان ڳالهه تي سنجيدگي سان پڇاڻو ڪرڻ جي خواهشمند آهي ته ڪيليفورنيم وانگر هڪ سي?? شده تابڪار ماخذ (ايس آر ايس) مواد ڪهڙي طرح پڪڙجي ويل ماڻهن جي قبضي ۾ هو. ترجمان ??يو ته ڀارت ۾ اهڙي طرح جي حساس مواد جو غلط هٿن ۾ وڃڻ جو معمول خطرناڪ آهي. هن ??يو ته پاڪستان انهن واقعن ??ي مڪمل جاچ ۽ انهن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ مناسب قدمن ??ي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو.