اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري ??فاقي وزير خواجه محمد آصف سان چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل لي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي ??نهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري ??فاقي وزير معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي جنهن جو بنياد علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هم آهنگي آهي. وفاقي وزير سمورن شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ کي ساراهيو. هن چيو ته اهي لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي ??ي مرڪوز ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزير موجوده ٻطرفي مڪينزم جهڙوڪ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ، قونصلر مشاورت ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت مشاورت کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي پاڙيسري ??لڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. هن نشاندهي ڪئي ??ه پاڪستان علائقائي ۽ عالمي فورمز تي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ چين جي سفارتي ۽ مادي حمايت کي ساراهي ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته پاڪ چين سيڪيورٽي تعاون علائقائي ??ستحڪام جو ٿنڀ آهي. سي پيڪ کي وڌندڙ خطرن/ اچڻ جي وچ ۾ سيڪيورٽي/ انٽيلي جنس شيئرنگ ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏ??ندي خطي ۾ استحڪام ۽ امن جي لاءِ پرعزم آهي. پرامن افغانستان پاڪستان ۽ پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. معزز مهمان علائقائي ??من ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيو.