اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ٽانڪ ۾ ڪوٽ پٺاڻ جي علائقي ۾ پولي?? جي چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوار?? جي دهشتگردن جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي پوليس دهشتگردن خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهر?? وزير محسن نقوي فائرنگ سبب شهيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد پوليس اهلڪارن جي وارث?? سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهر?? وزير محسن نقوي زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. گهر?? وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا پولي?? جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. سڄي قوم انهن قربانين کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي. هن چيو ته فتنه الخوار?? جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ سم??ري قوم متحد آهي.