اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته عالمي سطح تي ماحول د??ست معيشت کي هٿي ڏيڻ سان اُسريل ۽ اُسرندڙ مل??ن ۾ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرفان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته گرين معيشتن کي هٿي ڏيڻ سان ملازمتن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جو مقصد ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول کي پائيدار بڻائڻ آهي، جڏهن ته رپورٽ موجب ماحول د??ست ملازمتن ۾ عورتن جي نمائندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن کي ٻه ڀاڱي ٽي کان و??يڪ گرين ملازمتون ملي رهيون آهن، جڏهن ته ملازمت ماڻيندڙ عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو و??يڪ اجرت ملي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيم (سائنس، ٽيڪنالا??ي، انجنيئرنگ ۽ رياضي) جي شعبن ۾ عورتن جي شرڪت ۾ واڌ ۽ صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ سان سبز معيشت ۾ منتقليءَ جو عمل تيز ۽ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ صنفي مساوات ۽ ت??ليم ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. رپورٽ مطابق انهن مل??ن ۾ جتي عورتن کي برابريءَ جا موقعا ڏنا پيا وڃن اتي ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ وارين پاليسين جو اثر و??يڪ اثرائتو ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سمورن مل??ن سان اسٽيم ۽ صنفي شموليت کي هٿي ڏئي ماحول د??ست معيشت جي ترقي ۾ مدد لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.