اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلاروس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو آهي. نور خان ايئر بيس تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا.
ٻنهي ??ڳواڻن وچ ۾ خير سگالي ج??ن ڳالهيون به ٿيون. بيلاروس جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو. واضح رهي ??ه شريڪ م??ڪن جا نمائندا اڳ ئي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي ??جلاس ۾ شرڪت لاءِ پهچڻ شروع ٿي وي?? آهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اي??دڙ مهمانن جي آجيان لاءِ سڄي شهر کي رنگ برنگي روشنين ۽ گلن سان سجايو ويو آهي ۽ ايس سي او جي ميمبر م??ڪن جا جهنڊا به لڳايا وي?? آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو.