اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ واپار، صنعت، توانائي، علائقائي رابطن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس جي موقعي تي جمهوريه روس جي وزي??اع??م ميخائل مشوستن جي وزي??اع??م هائوس ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي وزي??اع??م ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو. هنن واپار، صنعت، توانائي، علائقائي رابطن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف پنهنجي ماسڪو جي پهرئين دوري جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪو سندس ڪنهن به ملڪ جو پهريون دورو هو. وزي??اع??م پنهنجي دوري جي يادن کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ۾ تبديل ڪرڻ جي خواه?? جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف روس سان ٻطرفي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي ڳالهه ٻولهه کي تيز ڪرڻ جي پاڪست??ن جي خواه?? جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳوڻن گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف برڪس ۾ پاڪست??ن جي لاءِ تعاون تي روسي وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا. هن هلندڙ سال جولاءِ ۾ آستانه ۾ صدر ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي لاڀائتي ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن دوران هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ تي اتفاق ڪيو هو. وزي??اع??م پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ مواصلاتي رابطن جي فروغ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي اهميت تي زور ڏنو. روسي وزي??اع??م شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين حڪومتي سدربراهه اجلاس جي لاءِ پاڪستان پاران ڪيل شاندار انتظامن کي ساراهيو. هن پاڪست??ن جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران روسي وفد جي شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن ملاقات ۾ روس پاڪستان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي نئين بلندين تي پهچائڻ جي پنهنجي خواه?? جو پڻ اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي وزي??اع??من گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عوامي رابطن جي فروغ جي لاءِ روسي ۽ اردو زب??ن جي تدريسي مٽاس??ا ۽ سيڙپڪاري ۽ واپار جي سهولت جي لاءِ بئنڪنگ شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي پڻ اتفاق ڪيو.