اسلام آباد – 21 ?? آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات،نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 26هين آئيني تر??يم جي م??ظوري کي پاڪستان جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ هڪ نئُون سج اڀريو آهي، اڄ پاڪستان جي عوام، رياست پاڪستان ۽ جمهوريت جي فتح ٿي آهي، تاريخ ثابت ڪندي ته آئيني تر??يم عوام جي حق ۾ هوندي. اها ڳالهه هن 26هين آئيني تر??يم جي م??ظوري تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي ڪابينا جي م??مبرن، سمورين اتحادي پارٽين ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آئيني تر??يم سان آئيني ۽ قانوني معاملن کي وڌيڪ استحڪام ملندو، 26هين آئيني تر??يم تي ڊگهي مشاورت ٿي، حڪومت حتي ا??ام??ان ڪوشش ڪئي ته آئيني تر??يم تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. هن چيو ته 26هين آئيني تر??يم جي م??ظوري جمهوريت جي ڪاميابي آهي جنهن کي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح آئين?? عدالت جي سوچ جو بنياد رکيو هو، تاريخ ثابت ڪندي ته آئيني تر??يم عوام جي حق ۾ هوندي. هن چيو ته آئيني تر??يم سان عوام کي انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽون ختم ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته سياست ۾ ضد ناهي هوندو، آئيني تر??يم جي م??ظوري م??ثاق جمهوريت جي ايجنڊا جي تڪميل آهي. هن چيو ته آئيني تر??يم سان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ بالادستي کي تسليم ڪيو ويندو. هن چيو ته آئيني تر??يم سان عدليه ۾ مقررين ۽ ججز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي عمل ۾شفافيت ايندي ۽ پارليامينٽ بالادست اداري جي طور تي پنهنجو ڪم ڪري سگهندو.