اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام بابت مملڪت?? وزير شزه فاطمه خواجه سان ايشيا پيسفڪ نيٽ ورڪ انفارميشن سينٽر (اي پي اين آءِ سي) سنگاپور جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) جيا رونگ لوني ڪالهه سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٽيليڪام آپريٽرز جي سگهه وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خان پڻ موجود هو. ڪالهه آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام وار?? وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب سي اي او، مملڪت?? وزير کي اي پي اين آءِ سي ورڪنگ جي حوالي کان آگاهه ڪيو . هن چيو ته اي پي اين آءِ سي پاڪستان ۾ ٽيليڪام آپريٽرز لاءِ نيٽ ورڪنگ جي حوالي سان ٽريننگ پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪت?? وزير چيو ته ٽيليڪام آپريٽرز جي سگهه وڌائڻ لاءِ فني تربيت تمام اهم آهي. ملاقات ۾ ٽيليڪام آپريٽرز ??ي تربيت لاءِ هڪ ج??مع پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٽيليڪام وار?? وزارت جو ميمبر محمد جهانزيب رحيم پڻ موجود هو. ان دوران مملڪت?? وزير شزه فاطمه خواجه جرمنيءَ ۾ پاڪستان جي سفير ثقلين سيده سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ?? جرمني جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ لاڳاپن ۽ پاڪستاني آءِ ٽي ڪمپنين جي جرمني ۾ سهولتڪاريءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ انٽرنيشنل ڪوآرڊينيشن جو ميمبر عماد ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل سيد جواد علي شيرازي پڻ موجود هئا.