اسلام ??باد – 15 – نومبر (اي پي پي) پا??ستان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيون دور اسلام ??باد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان پا??ستاني ??فد جي قيادت ڪئي جڏهن ته بوسنيا جي ??فد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل ايڊن دلبرووچ ڪئي. ڌرين اعليٰ اعتماد ۽ گڏيل افهام ??فهيم جي ماحول ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سموري دائري جو ٺوس جائزو ورتو. هنن سياسي، واپاري، اقتصادي، سماجي، انساني بنيادن تي لاڳاپ?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڊن دلبرووچ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان پڻ ملاقات پڻ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري گڏيل لاڀائتي تعاو?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پا??ستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.