اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته مقامي مارڪيٽ ۾ ??نڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحا?? آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه شگر ايڊوائيزي بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان به شريڪ هو. اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ملڪ ۾ ??نڊ جي ذخيري جي مجموعي صورتحال جو جائزو ويو ۽ ايندڙ سيزن لاءِ ڪمند جي فصل جي ڪاٿي جو به جائزو ورتو ويو. پڌرائي موجب ايندڙ پيڙهائي سال ۾ ??نڊ جي مجموعي ذخيري جي پوزيشن جو به جائزو ورتو ويو. بورڊ مقامي مارڪيٽ ۾ ??نڊ جي موجوده قيمتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سموريون شگر ملون 21 نومبر کان پيڙهائي شروع ڪنديون. 21 تاريخ تائين پيڙهائي نه ڪندڙ ملن خلاف ڪارروائي ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته آبادگارن جون سموريون ادائيگيون پيڙهائي جي سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيون وڃن ۽ جيڪي به ملون آبادگارن جون رهتون ادا نٿيون ڪن انهن کان روانگي واپار جي ??جا??ت واپس وٺنداسين. راڻا تنوير حسين چيو ??ه جيستائين روانگي واپار جي پهرين ڪوٽا مڪمل نه ٿيندي وڌيڪ جي ??جا??ت نٿا ڏئي سگهون. پڌرائي موجب پي ايس ايم اي وڌيڪ ??نڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ??جا??ت گهري هئي.