اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ مٽاسٽا جو ناڻو 33.6 سيڪڙو کان وڌي 14.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو خوش آئنده آهي ۽ معيشت جي لاءِ سٺا ثمر کڻي ايندو، نومبر 2024ع ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي پ??لي??ين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چ??و ته هلندڙ سال نومبر ۾ 2.9 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورائتا آهيون، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال جي پهرين 5 مهينن ۾ مٽاسٽا جو ناڻو 33.6 سيڪڙو کان وڌي 14.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو خوش آئنده آهي ۽ معيشت جي لاءِ سٺا ثمر کڻي ايندو، الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومت جي معاشي ٽيم جون ڪوششون ڪامياب ٿي رهيون آهن. هن چ??و ته ٻاهرئين ملڪن مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، مهانگائي جي شرح ۾ وڏي گهٽتائي ۽ معاشي استحڪام جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو فخر ۽ پاڪستان جا سفير آهن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چ??و ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قي??تي اثاثو آهن جيڪي سڄي دنيا ۾ پ??هنجي صلاحيتن سان پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.