اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اي پ?? ايس جي سانحي تي اسان جي دل اڄ به ڏکويل ۽ رت جا ڳوڙها روئي ٿي، فتنه الخوارج ۽ انهن جهڙن ٻين دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن گروهن جو دين سان ڪو تعلق نه آهي ۽ نه ئي ڪن??ن به معاشرتي قدرن سان، پوري قوم ان??ن بزدل دهشتگردن جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ انشاءَ الله بيٺل رهندي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز سمورن ملڪ دشمن عنصرن کي پ??ري همت ۽ بهادري سان منهن ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پ??هنجي پ??غام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ جي هڪ نه وسارڻ جوڳي سانحي ۽ هڪ تمام وڏي نقصان جا 10 سال مڪمل ٿي رهيا آهن اسان جي دل ڏکويل ۽ رت جا ڳوڙها روئي ٿي، اهو اهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو هو جنهن جي ياد هڪ ڏهاڪي کان اسان جي دلين کي بي چين ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع تي بزدل، بي رحم ۽ حيوانيت سان ڀرپور دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اڱڻ ۾ گهڙي تباهي ۽ بربادي ڪندي 144 معصوم جانين کي اسان کان سدائين جي لاءِ جدا ڪري ڇڏيو، ان حيوانيت جو شڪار ٿي شهيد ٿيندڙن مان اڪثريت گهٽ عمر جي ٻارن جي هئي جيڪي تمام ننڍڙي عمر ۾ ئي اسان کي غمگين ڪري دنيا مان هليا ويا، انهن جي زندگي، انهن جا خواب، انهن جون اميدون ۽ انهن جو مستقبل کسيو ويو. هن چيو ته ان سانحي کي ڀلي ڪيترو ئي وقت ڇو نه گذري وڃي انهن معصوم ۽ گهٽ عمر ٻارن جي جدائي جي صدمي کي مٽائي نه ٿو سگهي، انهن ننڍڙن ٻارن ان ڏينهن ناقابل برداشت ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته انهن خاندانن ۽ والدين جن پنهنجي پ??ارن کي ان ڀيانڪ سانحي ۾ وڃائي ڇڏيو ۽ جن جا لخت جگر انهن کان کسا ويا، جي ڏک ۽ تڪليف کي ڪن??ن به طور تي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته قوم کي ياد رکڻ گهرجي ته فتنه الخوارج ۽ انهن جهڙن ٻين دهشتگرد ملڪ دشمن گروهن جو نه دين سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي ڪن??ن به معاشرتي قدرن سان، ٻاهرئين ملڪ دشمن عنصرن جي چوڻ تي اهي بزدل معصوم پاڪستانين کي پ??هنجا ڪڌا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ نشانو بڻائين ٿا، پوري قوم ان??ن بزدل دهشتگردن جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ انشاءَ الله بيٺل رهندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون سميت پوري قوم ٻارن ۽ است??دن جي بهادري کي سلام، انهن کي خراج عقيدت، انهن جي خاندانن جي قربانين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جيڪي اڄ به سموري ملڪ دشمن عنصرن کي پ??ري همت ۽ بهادري سان منهن ڏنو آهي، اچو اڄ اسان هڪ پرامن ۽ محفوظ پاڪستان جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي ڪنهن معصوم کي ٻيهر ان ظلم ۽ ڏاڍ سان نقصان نه پهچي، ڪن??ن به ٻار کي خوف جي عالم ۾ اسڪول نه وڃڻو پوي ۽ اهڙي ڪن??ن به ناانصافي جي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. هن چيو ته اهو هڪ وچن آهي جيڪو اسان کي گڏجي ڪرڻو آهي، اهو سڀ اسان تي ان سانحي جي متاثرين ۽ شهيدن جو قرض آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته انهن جون جانيون رائيگان نه ويون، اسان ڪڏ??ن به نه وسارينداسين، اسان ڪڏ??ن به معاف نه ڪنداسين.