اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ت?? مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۽ اڳواڻن ظرف سان سياسي انتقام جو مقابلو ڪيو، پي ٽي آءِ وارن جي يادداشت تمام گهڻي ڪمزور آهي، انهن ڌرڻي ۽ احتجاج جي ذريعي ملڪ ۾ عدم استحڪام جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون، ڪنٽينر تي بيهي بدتهذيبي، تشدد، احتجاج ۽ انتشار انهن جي تاريخ آهي، اسلام آباد ۾ ناڪام احتجاج کانپوءِ تحريڪ انصاف ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه جو سهارو ورتو، حڪومت ٺوس پاليسين جي ڪري ملڪ ترقي ۽ استحڪام جي راهه تي گامزن آهي، دير ناهي ٿي، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت ڀائيچاري ۽ ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان مثبت خيالن جو اظهار ڪيو آهي، هي ايوان جمهوري روايتن سميت ٻڌي، ڀائيچاري ۽ تحمل جو پڻ امين آهي. هن چيو ته ??سا?? ڪڏهن به وضع داري ت?? ٺاهه ناهي ڪيو، ??سا?? پرتشدد سياست تي يقين نٿا رکون. ڪڏهن ڪنهن کي اهو ناهي چيو ته هي دشمن آهي، ان جي خوشي غمي ۾ شريڪ ناهي ٿيڻو. باني چيئرمين پي ٽي آءِ 2013ع جي اليڪشن ۾ لفٽر تان ڪري پيو ته ان وقت ??سا?? جي چونڊ مهم هلي رهي هئي، باني چيئرمين پي ٽي آءِ ??سا?? جو سياسي مخالف هو، ??سا?? کي ان سان سئو اختلاف هئا پر محمد نواز شريف پارٽي اجلاس گهرايو ۽ پنهنجي سمورن ساٿين کي گهرائي پنهنجي چونڊ مُهم معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پارٽي جي پوري سينيئر قيادت نواز شريف، شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله، خواجه آصف ۽ خواجه سعد رفيق شوڪت خانم اسپتال ويا، باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي ت??مارداري ڪئي، ان جي ڊاڪٽر سان مليا ۽ هڪ خيرسگالي جو پيغام ڏنو ته ??سا?? جي ت??هان سان سياسي مخالفت آهي، ذاتي دشمني نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف سان مخالفت ڪرڻ جو مزو تڏهن اچي ٿو جڏهن هو ميدان ۾ بيهي. هن چيو ته اليڪشن ختم ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف ٻاهرئين ملڪ يا پنهنجي تڪ ۾ نه ويو پر هو سڀ کان پهرين بني گالا ويو ۽ باني چيئرمين پي ٽي آءِ طرف دوستي جو هٿ وڌايو ۽ چيو ته ??سا?? چاهيون ٿا ته هن ملڪ جي معاشي بهتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، هن ملڪ جي عام ماڻهو جو مسئلو غربت، مهانگا??ي آهي، ان کي حل ڪرڻ ??سا?? جو فرض آهي، اچو هن ملڪ جي مفاد ۽ عوام جي خاطر گڏجي اڳتي هلون پر تحريڪ انصاف ??سا?? جي ان ڪوشش ۽ دانشمندي کي ??سا?? جي ڪمزوري سمجهيو. هن اهو بيانيو ٺاهيو ته اهي ??سا?? جا مخالف آهن، انهن جي خوشي غمي ۾ شرڪت ناهي ڪرڻي، هي ماڻهو ڪنٽينر تان صدا لڳائيندا هئا ته اچو حملو ڪريو، انهن وٽ چور ڦورو جي رِٽ هئي ڇا ان زبان ۾ جواب نه پئي ڏئي سگهياسين؟ ??سا?? کي ??سا?? جي قائد نواز شريف جهليو هو ته اهي ڪنٽينر تان جيڪو مرضي چون، ??سا?? کي جواب ناهي ڏيڻو. ??سا?? کي خصوصي طور تي منع ڪيو ويو ته لاس اينجلس ڪورٽ جي ججمنٽ جو حوالو ڪنهن ٽاڪ شو ?? ناهي ڏيڻو، نواز شريف ??سا?? کي اخلاق جي دائري ۾ رهي ت??قيد ڪرڻ جي ت??قين ڪئي پر ڪنٽينر جي مٿان روزانو گارگند جي سياست ڪئي ويندي هئي. هن چيو ته ??سا?? چارٽر آف ڊيموڪريسي ڪيو، تلخين کي به وساري ڇڏيو پر ??سا?? ڪڏهن به اهو ماحول نه ڏٺو هو ته چور ڌاڙيل، غدار قرار ڏنو وڃي، ايوان ۾ تقرير ٿيندي هئي ۽ ايوان ۾ ئي ت??قيد ٿيندي هئي، سياسي مظاهرا ۽ جلسا ٿيندا هئا، ميان نواز شريف هن ملڪ ۾ ٽرين مارچ به ڪيو، وڏا وڏا جلسا به ڪيا پر ڪڏهن ڪنهن کي ”تون“ ڪري نه سڏيو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي به خان صاحب چوندو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف جا اڳواڻ گولين جي ڳالهه ڪن ٿا، ڇا توهان ساهيوال جي انهن ٻارن سان وڃي تعزيت ڪئي جن جي ماءُ پيءُ کي ڏينهن ڏٺي انهن جي اکين آڏو قتل ڪيو ويو؟ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي خطاب دوران ملتان جي قاسم باغ جلسي ۾ ڀاڄ پوڻ سان تحريڪ انصاف جا 8 کان 10 ڪارڪن فوت ٿي ويا هئا، ماڻهن اتي رڙيُون ڪيُون ته ماڻهو مري ويا آهن پر باني چيئرمين پي ٽي آءِ تقرير ڪندو رهيو، ڇا انهن ماڻهن جي گهر وڃي ت??هان تعزيت ڪئي؟ انهن کي ڪو پيغام ڏنو ته توهان جي موت ??سا?? جي ڪري ۽ ??سا?? جي جلسي ۾ ٿي آهي؟ اهڙا ڪيترائي واقعا آهن جيڪي ت??هان جي دور ۾ ٿيا، انهن کي بيان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون ته رات ٿي وڃي واقعا ختم نه ٿيندا. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڇا فوتگين جو ڪوڙو بيانيو ??سا?? ٺاهيو هو؟ ڇا سوشل ميڊيا تي عليمه خان بئريسٽر سان گلا نه ڪئي ت?? توهان 12 فوتگيون ڇو چيون؟ ڪو 1200 چئي رهيو آهي ڪو 1600 چئي رهيو آهي، ڪو آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي استعمال سان اسلام آباد جي پوري رستي کي رت ۾ رڱيل ڏيکاري رهيو آهي، جيڪڏهن توهان سچا هئا ته توهان جا اڳواڻ مختلف انگ اکر ڇو ڏيندا رهيا؟ جيڪڏهن توهان سچا هئا ته پوري پارٽي هڪ ڳالهه ڪري ها، اهو ناهي ٿيندو ته توهان جا ماڻهو هتان هتان جون ڳالهيون چون. هن چيو ته مائرن، ڀينرن، ڌيئرن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ جي روايت پڻ باني چيئرمين پي ٽي آءِ وڌي، راڻا ثناءُ الله جڏهن جيل ۾ هو، هن نه ڪڏهن ڪا گهرج ڪئي ۽ ڪا ڊيمانڊ رکي، سندس دوا تائين جيل ۾ پهچائڻ کان منع ڪيو ويو، مريم نواز کي والد آڏو گرفتار ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو هو؟ جهانگير ترين جي ٻارڙين تي ڪيس ڪنهن ڪيا؟ عليم خان جي گهرواريءَ کي ڏيڍ ڪلاڪ ويٽنگ روم ۾ ويهاريو ويو، ??سا?? سان توهان جيڪو ڪيو سو ڪيو پر توهان پنهنجي ماڻهن کي به نه بخشيو، عثمان بزدار جو والد سردار فتح محمد بزدار ??سا?? جي پارٽي ۾ به رهيو آهي، توهان ان جي ڪري پوري پنجاب جي شڪل بگاڙي ڇڏي، ڪنهن تي هيروئن وڌي، ڪنهن جي ٻارڙي ت?? ڪيس ڪيو، ڪنهن جي گهر اينٽي ڪرپشن جي ريڊ ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته ??سا?? جي وڏن بزرگن پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، ??سا?? جي رت ۾ پاڪستانيت آهي، ??سا?? کي ڪيڏانهن ناهي وڃڻو، شهزاد اڪبر يا شهباز گل ڪڏهن هتي ويهندا هئا، توهان کي غلط مشورا ڏيندا هئا، ??سا?? توهان کي ان وقت به چوندا هئاسين ته توهان هتي ويٺا هوندا ۽ هي ڀڄي ويندا. وفاقي وزير چيو ته انهن جي سياست ۾ تڪبر ۽ غرور هو، انهن جي دور ۾ مخالف ڌر جي پوري فرنٽ لائين خالي هئي، هڪ وقت اهڙو آيو جو سڀ جيلن جي اندر هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ??سا?? وٽ نه ته شهزاد اڪبر جي سيٽ تي ڪو احتساب بابت صلاحڪار آهي نه وزيراعظم هائوس مان ڪا هدايت جاري ٿئي ٿي، ايف آءِ اي ۽ نيب قاعدن ۽ ضابطن موجب پنهنجي ڪارروائي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ??سا?? جو فوڪس معيشت تي آهي، اڄ وياج جي شرح 13 سيڪڙو تي اچي و??ي آهي، مهانگائي 4 سيڪڙو تي آهي، مٽاسٽا جو ناڻو 8.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 12 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن، معيشت صحيح ٽريڪ تي هلي رهي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف ڪوڙو بيانيو ٺاهيو، حقيقتون مسخ ڪيون. هن چيو ته وڪيل تحريڪ ۾ ??سا?? قربانيون ڏنيون، رستن تي هڪ سال تائين جدوجهد ڪئي، ??سا?? چاهيو ٿي ت?? ملڪ جو نظام بهتر ٿئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف وٽ جيئن ئي اقتدار آيو انهن اکيون ڦيري ڇڏيون، پنهنجي سياسي مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو، هي ??سا?? کي ڪمزور سمجهندا رهيا، ??سا?? پوءِ به تحمل ۽ برداشت سان سياست ڪئي، اهو نه وساريو توهان جو ماضي ڇا آهي ۽ ??سا?? جو ڇا آهي، شير افضل مروت سٺي ڳالهه ڪ??ي آهي، ماحول کي بهتري طرف وٺي وڃون. اڃا به وقت آهي، هوش کان ڪم وٺن، گڏجي ويهي ملڪ جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪريون، اڃا به دير ناهي ٿي، اقتصادي ترقي جي سفر ۾ پنهنجو حصو وجهن، توهان به ايترائي پاڪستاني آهيو جيترا ??سا?? آهيون، جيڪڏهن توهان ڪوڙو بيانيو کڻي هلندا ۽ ان کي انتقام جي سياست جي نظر سان ڏسندا ته پوءِ اڳتي نه ٿو وڌي سگهجي.