اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي تراني جي خالق اب??ال??ثر حفيظ جالنڌري جي ورسي 21 ڊسمبر تي ملهائي ويندي. ابو الاثر جالندري 14 جنوري 1900ع ۾ پيدا ٿيو ۽ پاڪستان جي آزادي کان پوءِ لاهور منتقل ٿيو. حفيظ جالنڌري ن??لي??ارو شاعر ۽ نثر نگار هو. سن??س شاعري مذهبي ۽ حب الوطني ۽ لوڪ گيتن تي ٻڌل هئي. هن پاڪستان جو قومي ترانو لکي شهرت حاصل ڪئي. عظيم شاعر کي تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ هلال امتياز سان پڻ نوازيو ويو. حفيظ جالنڌري 21 ڊسمبر 1982ع ۾ 82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سن??س ورسي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، خانگي ۽ سماجي تنظيمن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ حفيظ جالنڌري کي ادبي ۽ علمي خدمتن تي خراج ع??يدت پيش ڪيو ويندو.