اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل افتخار بابر چيو آهي ته ڀارتي پائليٽ اڀي نندن جي آزادي کي ڪنهن ٻي شي??َ سان جوڙڻ انتهائي گهمراه ڪندڙ آهي، اها شيءَ ڪنهن به پاڪستاني لاءِ قابل قبول نه آهي، پلوامه واقعي ۾ ڀارت کي نه رڳو منهن جي کائڻي پئي پر پوري دنيا ۾ خواري به کنئي، دشمن جا جهاز جيڪو بارود پاڪستان جي عوام تي ڪيرائڻ آيو هئا اهي خالي جبلن تي اڇلي هليا ويا، پاڪستان اعلانيه هندستان کي ڏينهن جي روشني ۾ جواب ڏنو، دشمن جا 2 جهاز ڪيرايا، پائليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو، الله جي نصرت سان اسان کي هندستان جي خلاف واضح فتح نصيب ٿي ۽ پوري ??وم جو سر فخر مان بلند ٿيو، پاڪستان جي فتح کي سڄي دنيا ۾ ب?? تسليم ڪيو وي??. ه?? آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽوريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطا?? ڪري رهيو هو.