اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته سيرت ا??نب??ﷺ سموري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، حضور اڪرمﷺ جي سيرت جو هر پهلو ماڻهن لاءِ روشني جو ٿنڀ آهي، تعليمي نظام ۾ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن 49هين قومي سيرت ا??نب?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سيرت ا??نب??ﷺ جي موقعي تي پوري قوم ۽ ڪي پي ڪي جي عوام کي عيد ميلادا??نب??ﷺ جون مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته حضور اڪرمﷺ جي سيرت جو هر پهلو ماڻهن لاءِ روشنيءَ جو ٿنڀ آهي. سيرت ا??نب??ﷺ صرف عالم اسلام ناهي پر انسانيت لاءِ زندگيءَ جو هڪ عظيم مثال آهي. سيرت ا??نب?? سمورن انسانن لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ انسانن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ ل??ءِ آخري نبي حضرت محمدﷺ کي موڪليو. هن چيو ته پاڻ سڳورنﷺ جا پاڪ اخلاق ۾ اخلاقيات ۽ روزمره جي رهنمائي ڪئي وئي آهي جنهن سان صرف عالم اسلام ئي نه پر عالم اسلام کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، پنهنجون زندگيون سيرت مطابق ??ذارڻيون پونديون، تعليمي نظام ۾ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.