اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي ??اءِ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي ز??دگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪاروبار جي ??چ ۾ توازن کي بر??را?? رکڻ جي ??اليسي تي عملدرآمد جاري رهندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهڙن ڪاروباري شعبن جي ??نفي لسٽ جاري ڪئي ويندي جيڪي ڪورونا وائرس جي ??ڌيڪ ڦهلاءُ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ بند رهندا جڏهن ته ڪاروباري ۽ واپاري سرگرمين جي ??ڪ اهڙي فهرست جنهن تي وفاقي حڪومت ۽ صوبن جو اتفاق راءِ ٿيندو، اها صنعتي شعبي کي جاري ڪئي ويندي جنهن تحت انهن کي پنهنجون سرگرميون ٻيهر جاري رکڻ جي اجازت هوندي. زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي حوالي سان غيريقيني جي ڪري قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته اسان کي ڪورونا وائرس سان گڏ رهڻو پوندو جڏهن ته وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي ??اءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو ويندو.