اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر قوم کي اپيل ڪئي آهي ته ڪور??نا وائرس جي ڦهل??ءُ کي روڪڻ جي لاءِ اها انهي ذميواري ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪر?? جهڙو هن شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيو، پاڪستاني قوم ڪيترن ئي هفتن تائين بهترين ڊسپلين جو مظاهرو ڪيو پر عيد کان اڳ شاپنگ ۽ بعد ۾ عيد تي ڊسپلين نه ڏٺو ويو، جيڪي ماڻهو ايس او پيز تي عمل نه ڪر?? رهيا آهن اهي پنهنجي زندگين سان گڏوگڏ ٻين جي زندگين کي به خطري ۾ وجهي رهيا آهن، وبا جي ڦهل??ءُ کي روڪڻ جي لاءِ طاقتور هٿيار حفاظتي تدبيرون آهن، اسان سڀني جي مجموعي ذميواري آهي ۽ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ٻڌل ڳالهيون نه پکيڙين، بنا تصديق جي ڪا به ڳالهه اڳتي نه پهچائين، حڪومت جي اڄ به ڪور??نا جي ڦهل??ءُ ۾ گهٽٽائي اولين ترجيح آهي پر مهينن ۽ سالن جي لاءِ قومن کي بند نه ٿو ڪر?? سگهجي، صحت جو نظام وڌائي رهيا آهيون، طبي عملي کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي، 27 مارچ کان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪم شروع ڪيو اڄ تائين هڪ ڏينهن به ناهي رُڪيو، دنيا ۾ عالمي ادارن به پاڪستان ۾ رليف ڪوششن کي ساراهيو، ڪوورنا وبا ۾ ڊاڪٽرن کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪم مشڪل آهي ته اهو پوليس جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اين سي ??و سي جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.