اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي سببن ۽ اثرن تي ضابطو آڻڻ ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي ??ستقبل کي شديد خطرا لاڳو ٿيندا. اهو ئي وقت آهي ته دنيا اڳتي اچي ۽ گڏجي ان چئلينج جو مقابلو ڪري. موسمياتي تبديلي بابت چوٿين سالياني آسٽرين ورلڊ سمٽ جي ??ناسبت سان پنهنجي ??ڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ کان 20 سال ا?? موسمياتي تبديلي جي ??عاملي کي سنجيده نه ورتو ويندو هو پر اڄ دنيا ان کي هڪ حقيقت سمجهندي آهي، هن چيو ته گرمي پد ۾ غير معمولي اضافو، گليشيئرز جي ??گهرجڻ جي رفتار ۾ ت??زي?? ٻيلن ۾ آتشزدگي ۽ سامونڊي طوفان معمول جا واقعا بڻجندا پيا وڃن. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن عالمي برادري موسمياتي تبديلين جي ??سئلي تي ڌيان نه ڏنو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي ??ستقبل کي شديد خطرا لاحق ٿيندا.