اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي اقتصادي، سماجي ۽ قانوني لحاظ کان بااختيار بڻائڻ ??عا??ري جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، ملڪي آئين ۽ قانونن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان ڪوبه شڪ شبهو نه آهي، بنيادي معاملو ع??رتن جي حوالي سان قانون لاڳو ڪرڻ ۽ عملي قدمن جو آهي، عورتن جي حوالي سان آئيني گهرجن ۽ قانونن تي عملدرآمد ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورتن کي قانوني، اقصادي ۽ ??عا??رتي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي گرينڊ قومي مڪالمي جي شروع ٿيڻ تي خصوصي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي پنهنجي خطاب ۾ ڪيو.