اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نومبر ۽ ڊسمبر 2020ع ۾ روانگي واپار ۾ اضافي تي برآمد ڪندڙ ۽ واپار واري وزارت کي مبارڪباد ڏني آهي، وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته نومبر ۽ ڊسمبر 2020ع ۾ پاڪستاني روانگي واپار ۾ اضافو واپار واري وزارت جي ڪاميابي آهي، پاڪستان جي روانگي واپار ۾ علائقي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اضاف?? ٿيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي مقابلي ۾ ڀارت ۽ بن??لاديش ۾ روانگي واپار ۾ گهٽتائي ٿي آهي، ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم نومبر ۽ ڊسمبر 2020ع ۾ پاڪستا?? ڀارت ۽ بن??لاديش جي روانگي واپار جي چٽاڀيٽي وارا انگ اکر به شيئر ڪيا آهن.