اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته منصوبي جي طئي ٿيل هدفن کي مقرر وقت ۾ پورو ڪيو وڃي ۽ ماحولياتي تحفظ جي سمورين قانوني گهرجن کي پورو ڪندي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي ??ي جائزي اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نئون پاڪستان ها??وسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽينن?? جنرل (ر) انور علي ح??در ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.