اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي هدايت ڪئي آهي ته آڊٽ آٽوميشن جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪري ته جئين اد??ري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي، آڊيٽر جنرل اد??ري جي اندر موجود خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ رو?? ميپ تيار ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب آڊيٽر جنرل جاويد جهانگير صدر کي اي جي پي آفيس جي ڪارڪردگي ۽ انفارميشن ٽيڪنال??جي جي مدد سان اد??ري جي صلاحيت ۾ بهتري آڻڻ جي قدمن تي بريفنگ ڏني.