اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته بهترين ۽ ج??يد طبي سهولتن تائين پهچ ملڪ جي موجود هر فرد جو بنيا??ي حق آهي، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ضروري آهي، صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ هنن ??يو ته حڪومت پاران عوام کي صحت جون بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪ ۾ ويڪسينيشن جي عمل کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هنن ??يو ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ نئين اسپتالن جي قي??م ۽ موجوده اسپتالن جي اپگريڊيشن لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، صحت انصاف ڪارڊ جي بنا فرق جي فراهمي موجوده حڪومت جو سڀ کان وڏ?? اهم ڪارنامو آهي، هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي پاڻ ۾ اختلاف وساري صحت جي شعبي بابت مسئلن جي حل لاءِ جامع پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي.