اسلام ??با?? – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان متحده عرب امارات (يو اي اي) جي سفير عما?? عبيد ابراهيم الزابي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون، سياحت، واپار ۽ ماحولياتي تبديلين سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته گرين ڊپلوميسي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ نيون راهون فراهم ڪندي آهي، هن چيو ته متحده عرب امارات ۽ پاڪستان گڏيل اعتماد تي ٻڌل خوشگوار لاڳاپن مان مستفيد ٿي رهيا آهن، متحده عرب امارات پاڪستان??ن جي لاءِ ٻي گهر وانگر آهي، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جا وسيع امڪان موجود آهن ??ن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. مملڪتي وزير ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽ جي صنعت ۾ ڪاروباري صلاحيتن جي فروغ لاءِ يو اي اي جي سفير الزابي جي فيصل ??با?? جي دوري کي ساراهيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب يو اي اي جي سفير کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جون زرعي مصنوعات سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، پاڪستاني واپار??ن جي ذريعي انهن ??ين کي وچ اوڀر جي مارڪيٽن تائين پهچ ملڻ سان ترقي جا نوان موقعا ميسر ايندا، ڌرين ٻنهي ملڪن جي سرڪاري نيوز ايجنس??ن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاداڻي معلومات جي فراهمي ۽ هڪٻئي جي ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.