اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي ايران جي صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ اربع ڏينهن ايران روانو ٿيندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چ??ئرمين خصوصي جهاز مشهد پهچند??. م??مد صادق سنجراڻي روزه حضرت امام رضا جي مزار تي حاضري به ڏيندو. سينيٽ چ??ئرمين ايران جي صدر جي حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم پاڪستان عمران خان پاڪستان جي نمائندگي لاءِ سينيٽ چ??ئرمين کي نامزد ڪيو آهي. سينيٽ چ??ئرمين جُون ايران جي صدر سميت ٻين اعليٰ سياسي اڳواڻن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون متوقع آهن، 5 آگسٽ تي سينيٽ چ??ئرمين ايران کان واپس وطن ايندو.