اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي محسن پاڪستان ۽ ائٽمي س??ئنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته مرحوم جي خدمتن کي سنهري لفظن ۾ لکيو وي??دو ۽ ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ مرحوم سائنسدان عبدالقدير جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي خدمتن تي پوري قوم کي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ ڊاڪٽر عبدالقدير جي اڻٿڪ خدمتن کي س??ائين ساراهيو وي??دو. پوري قوم سندس لاڏاڻي تي ڏکويل آهي. وقتي صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي س??ن برداشت ڪرڻ جي توفيق عط?? فرمائي. هن چيو ته مرحوم ائٽمي س??ئنسدان عبدالقدير جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وي??دي. جنازي نماز ۾ وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي پڻ شرڪت ڪندو. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ ائٽمي س??ئنسدان عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.