اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چي??رمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپي??ر مير جان محمد جمالي جي خيريت دريافت ڪرڻ ڪوئي??ا ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب بلوچستان اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر جان محمد جمالي جي طبيعت گذريل ڪج??ه ڏينهن کان ناساز آهي. سينيٽ چي??رمين جان محمد جمالي جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، سينيٽ چي??رمين جان محمد جمالي کي مڪمل آرام جو مشورو به ڏنو، ملاقات دوران ملڪي صورتحال ۽ خاص طور تي بلوچستان جي اقتصادي صورتحال، ترقياتي منصوبن ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جان محمد جمالي خيريت دريافت ڪرڻ تي سينيٽ چي??رمين محمد صادق سنجراڻي جو ٿورو ادا ڪيو، سينيٽ جي ??پٽ?? چي??رمين مرزا محمد آفريدي به سينيٽ چي??رمين سان گڏ هو. ??پٽ?? چي??رمين به جان محمد جمالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.