لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته عوامي ڀلائي جي س??ورن منصوبن تي گهربل بجيٽ کي ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيو ويندو آهي ته جيئن انهن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري موثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پنجاب ۾ ترقياتي بجيٽ تي بريفنگ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏ?? وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل، اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان ب??ت، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان ب??ت وزيراعظم کي بريف ڪيو ته پنجاب جو تازو ترقياتي بجيٽ تاريخي طور تي سڀ کان وڏ?? 740 ارب روپيا مختص ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان کي پناب ۾ مواصلات جي ذريعن، تعليم رستن جي تعمير ۽ صحت جي شعبي ۾ جاري ترقياتي پروجيڪٽس جي تڪميل تي گهربل بجيٽ تي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين ??بد??لله سنبل بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي س??ورن منصوبن تي گهربل بجيٽ کي ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري موثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي ترقياتي منصوبن ب??بت عوامي آگاهي جي مهم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.