اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان سعودي ع??ب لاءِ پاڪست??ن جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سعودي ع??ب ۾ سفير طور نامزدگي تي امير خرم راٺوڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ ٻطرفا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر ڏکي وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اس??ن جي حڪومت اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، توه??ن جهڙي مڃيل سفارتڪار جي سفير طور مقرري اسان پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير چيو ته اس??ن جي سفيرن کي اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻي پاڪست??ن جي معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري اس??ن جي حڪومت ج?? اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته سعودي ع??ب ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪي پنهنجي محنت ج?? ڪمائي پاڪستان موڪلي ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سعودي ع??ب لاءِ پاڪست??ن جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي سندس هدايتن تي مڪمل عملدرآمد جي خاطر?? ڪرائي.