اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي اڄ اربع کان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ۽ اعليٰ سطحي وفد پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ هوندا. وزيراعظم ??مر??ن خان ۽ روس جي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزيراعظم ??مر??ن خان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي ??سجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم ??مر??ن خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم ??مر??ن خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي.