اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ از??ڪستان جي وچ ۾ ريلوي، سيڪيورٽي، ترجيحي واپاري معاهدي، موسمياتي تبديلي سميت 8 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ از??ڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جي موقعي تي موجود هئا. پاڪستان از??ڪستان ايم او يوز جي حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب از??ڪستان جي قومي ٽيليويزن ۽ ريڊيو ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي پاڪستان پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جڏهن ته از??ڪستان جي ثقافت واري وزير اوزود بيڪ نيزابيڪوف صحيحون ڪيون. از??ڪستان جي سياحت ۽ اسپورٽس واري وزارت ۽ پاڪستان جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ مذهبي زيارتن جي سياحت جي فروغ لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري جڏهن ته از??ڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزير عبدالعزيز ڪاميلوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي پاڪستان پاران وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ از??ڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي واپار واري وزير سردار عمر زاڪوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پاڪستان جڏهن ته سردار عمر زاڪوف از??ڪستان پاران صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ميپ تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستا پاران قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جڏهن ته از??ڪستان جي سلامتي ڪائونسل واري سيڪريٽري ويڪٽر مخمودوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ريلوي واري وزارت ۽ از??ڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جي وچ ۾ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون. پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني جڏهن ته از??ڪستان پاران ٽرانسپورٽ واري وزير الخوم مخڪاموف صحيحون ڪيون. تاشقند سٽي ۽ اسلام آباد سٽي جي انتظاميا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران ايڊمنسٽريٽر ايم سي آئي حمزه ش??قا?? جڏهن ته پاڪستان ۾ از??ڪستان جي سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ از??ڪستان جي علائقي سرخندريه ۽ پاڪستان جي خيبرپختونخواهه صوبي جي وچ ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران خيبرپختونخواهه جي صنعت واري سيڪريٽري ذوال??قا?? علي شاهه جڏهن ته از??ڪستان پاران پاڪستان ۾ از??ڪ سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون.