اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي س??ڪر??ٽري سهيل محمود سان صوماليه جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي س??ڪر??ٽري ملاقات دوران کيس پاڪستان ۾ سونپيل ذميدارين جي ادائيگي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. سهيل محمود اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تازي اجلاس ۾ صوماليه جي پرڏيهي وزير جي شرڪت تي ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي س??ڪر??ٽري ان موقعي ??ي پاڪستان جي ”انگيج آفريقه“ پاليسي لاءِ صوماليه جي اهميت کي به اجاگر ڪيو.